LIVE

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ پاس 40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن

👁 1 Views 📅 09 Aug 2026
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ پاس 40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن طرفان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ 14 هين ڏينهن احتجاج جاري رکندي ميرٽ جو علامتي جنازو ڪڍي جناع باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ويٽنگ اميدوارن صدام سانڊاڻو، فريد عباسي، مريم عباسي، غلام صغران، سليم مستوئي ۽ ٻين چيو ته اڄ پوري سنڌ ۾ اسان جي احتجاج کي 414 ڏينهن ٿي چڪا آهن، سنڌ جي ٻين شهرن جيان بلاول ڀٽو زرداري جي ناني ۽ امڙ جي شهر لاڙڪاڻو ۾ اسان گذريل 14 ڏينهن کان ڪئمپ لڳائي احتجاج پيا ڪيون پر افسوس جو ڪو به چونڊيل نمائندو اسان وٽ لڙهي ناهي آيو ۽ نه ئي اسان کان مسئلا معلوم ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته تعليم کاتي ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي جنهن ڪري اڄ اسان روڊن تي نڪري احت…